گؙڏِيءَ لاءِ ٻه ٽي جوڙا, گؙڏي لاء چَنگؙ وٺيو ايندس,
ابا سان شهر جو وينديس, ننهن جو رنگ وٺيو ايندس..
الائي ڪھڙو جيئاپو آ,
الائي ڪيئن ٿا جيئن ماڻھو,
مليو بازار ۾ جيڪر
جيئڻ جو ڍنگ وٺيو ايندس..
گؙڏِيءَ لاءِ ٻه ٽي جوڙا, گؙڏي لاء چَنگؙ وٺيو ايندس..
بچا ڏوڪڙ ته اي سرتيون,
ٻه ٽي ھي ڪڪريون ڇا,
مان تنھنجي ٿر اڃاري لاءِ,
سڄو سارنگ وٺيو ايندس..
گؙڏِيءَ لاءِ ٻه ٽي جوڙا, گؙڏي لاء چَنگؙ وٺيو ايندس.!!😥😥
شاعري علي صفدر